ڀڳت سنتو داس

ڀڳت سنتو داس: ڀڳت سنتو داس جو خاندان ڀڳت وجهندڙ مشهور خاندان هو. سندس جنم 1899ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز، تعلقي ڪنڊياري جي خانواهڻ ڳوٺ ۾ ٿيو. جنم جي پوري تاريخ ۽ مهيني جي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. خانواهڻ ۾ سندس وڏا آباد هئا. سندس ڏاڏي ڀڳت گوپالداس جو سڄيءَ سنڌ ۾ نالو هو. هن پنهنجي پٽ ڀڳت ايسرداس کي ڀڳت جي فن ۾ ماهر بڻايو. ڀڳت سنتيداس پنهنجي پيءُ ڀڳت ايسرداس کان اها ڪلا سکي. ڀڳت سنتوداس ڀڳت جي فن سکڻ کان پوءِ ڪلاسيڪي سنگيت سکڻ لاءِ بمبئيءَ ويو. جڏهن اتان موٽيو ته سندس گائڪيءَ ۾ اهو جلوو اچي ويو، جو سنڌ ۾ سندس هاڪ هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي.
ڀڳت سنتوداس ڪنهن اسڪول ۾ ڪو نه پڙهيو، پر گرمکي ۽ هٽڪا اکر لکڻ پڙهڻ ڄاڻندو هو. هونئن ته سندس ڌنڌو ڀڳتيون ڪرڻ هو، پر خانواهڻ ۾ سندس اباڻو باغ ۽ زمين ٽڪر به هو. جڏهن ڀڳتين جو ڪو پروگرام نه هوندو هو ته هو پنهنجي باغ ۽ زمين جي سار سنڀال لهندو هو. گهر ۾ کاڌي پيتي جي ڪمي ڪانه هئس. ان ڪري هو پنهنجو وقت رياض ۾ صرف ڪندو هو.
ان وقت ڀڳت ۾ ٽي ساز عام هوندا هئا. ڍولڪ، طبلو ۽ سارنگي. پوءِ سارنگيءَ جو رواج گهٽجي ويو ۽ ان جي جاءِ باجي والاري. ڀڳت سنتي داس سان گڏ طبلي تي سندس چاچو، ڀڳت جهمٽرام سنگت ڪندو هو ۽ باجو سندس فرزند ڀڳت ٽهلرام وڄائيندو هو. ڀڳت سنتوداس اڪثر ڪنڊياري واري سائين سنمکداس جون ڪافيون ڳائيندو هو. سائين سنمکداس شاعري جي سکيا ڪشنچند بيوس کان ورتي.
ڀڳت سنتوداس آزاديءَ جو اپاسڪ هو. هڪ ڏينهن نوابشاهه ۾ سندس ڀڳت هئي، ڪليڪٽر کي جڏهن خبر پئي ته هن ڀڳت ڏانهن نياپو موڪليائين ته جيڪڏهن ديش ڀڳتيءَ جا گيت نه ڳايو ته پوءِ مان اچي ڀڳت ٻڌان. ڀڳت صاحب جهٽ حامي ڀري. رات جو ڀڳتي ڪندي ڀڳت صاحب کان ڪليڪٽر کي ڏنل وعدو وسري ويو ۽ هن ديش ڀڳتيءَ جو گيت ڳايو. ڪليڪٽر ٽِپ ڏئي اٿيو ۽ ڀڳتيءَ مان هليو ويو ۽ بنگلي تي وڃي حڪم ڪيائين ته ڀڳت کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي. قضا سان ان رات هاسانند جادوگر ۽ ديش ڀڳت نيوندارم وشنداس به انهيءَ ڀڳتي ۾ حاضر هئا.
ڀڳت سنتي داس آڪٽوبر 1969ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ ڀڳت سنتو داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو